اسلام آباد:(آچر 13 اپريل 2025ع)پاڪستان ۾ ايراني سفارتخاني سيستان ۾ 8 پاڪستانين جي قتل تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي.
ايراني سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هو سيستان جي شهر مهرستان ۾ 8 پاڪستاني شهرين تي هٿياربند حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو. هي غير انساني ۽ بزدلاڻو واقعو ناقابل قبول آهي.
ايراني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته دهشتگردي سڄي خطي لاءِ هڪ مستقل ۽ گڏيل خطرو آهي، ۽ سڀني ملڪن کي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.
سفارتخاني هڪ بيان ۾ چيو ته هن رجحان گذريل ڏهاڪن ۾ هزارين بيگناهه ماڻهن جون زندگيون کسي ورتيون آهن. خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اجتماعي ۽ مربوط ڪوششون وقت جي ضرورت آهن.
ياد رهي ته ايران جي صوبي سيستان جي شهر مهرستان ۾ دهشتگردن هڪ ورڪشاپ تي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن ۾ 8 پاڪستاني ڪار ميڪينڪ مارجي ويا هئا. مارجي ويل ماڻهن جو تعلق پنجاب جي شهر بهاولپور سان هو.
وزيراعظم شهباز شريف ايراني اختيارين کان فوري طور تي معاملي جي جاچ ڪرڻ ۽ بزدلاڻي ڪارروائي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ قانون موجب سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو به ڪيو آهي.

0 تبصرے
Do not use vulgar language