welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جيڪب آباد: گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ٻارڙي ۽ عورت دٻجي فوت، 6 ڄڻا زخمي

جيڪب آباد:(ڇنڇر 19 اپريل 2025ع)جيڪب آباد جي جعفرآباد پاڙي ۾ گهر جي پلويڙي واري ڀت اوچتو ڪرڻ سبب ٻارڙي ۽ عورت دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. جعفر آباد ۾ گهر جي ڀت اوچتو ڪرڻ سبب 50 ورهين جي مسمات خطيجان دايو معصوم ٻارڙي عائشه سميت فوت ٿي وئي، جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اهڙي اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي جنهن کان پوءِ علائسي واسين ۽ پوليس زخمين کي سول اسپتال پهچايو. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثو اوچتو ڀت ڪرڻ سبب پيش آيو جنهن ۾ 2 ڄڻا فوت جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ محمد علي دايو، سندس ڌيءَ آمنه، خديجه، مسمات ساجده، سلميٰ، شازيه شامل آهن. گهر ڌڻي محمد علي دايو موجب اسان گهر ۾ ستل هئاسين ته اوچتو گهر جي پلويڙي واري ڀت ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ چاچي ۽ ڀائٽي فوت جڏهن ته ڌيئرن سميت گهر واري زخمي ٿئي پئي آهي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے