welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٻيو ون ڊي: نيوزيلينڊ خلاف 6 پاڪستاني رانديگر 65 رنسن تي آئوٽ

ھيمليٽس: (اربع 02 اپريل 2025ع)نيوزي لينڊ ٻئي ون ڊي ۾ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 293 رنسن جو هدف ڏنو آهي. هيملٽن جي سيڊن پارڪ ۾ کيڏيل ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 292 رنسون ٺاهيون. ڪيويز وڪيٽ ڪيپر مچل هي 78 بالن تي ناٽ آئوٽ 99 رنسون ٺاهيون. هن پنهنجي اننگز ۾ 7 ڇڪا ۽ 7 چوڪا لڳايا. ياد رهي ته پاڪستاني ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي. نيوزي لينڊ جي اوپنرن 54 رنسن جي سٺي شروعات ڪئي ۽ پهرين وڪيٽ ڇهين اوور ۾ نڪ ڪيلي جي ڪري پئي، جنهن کي حارث رئوف 31 رنسن تي آئوٽ ڪيو. ڏهين اوور ۾، ٻيو اوپنر رائس ماريو به 18 رنسن تي وسيم جونيئر جو شڪار ٿيو، ان وقت نيوزيلينڊ جو اسڪور 71 رنسون هو. ان کان پوءِ، ڊيرل مچل پهرين 18 رنسن تي ۽ هينري نڪولس 22 رنسن تي آئوٽ ٿيا. ان وقت، نيوزيلينڊ جو اسڪور 17 اوورن کان پوءِ 102 هو. ڪيوي ڪپتان مائيڪل بريس ويل ۽ محمد عباس پنجين وڪيٽ لاءِ 30 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي، پر پوءِ بريس ويل 17 رنسن تي محمد وسيم جونيئر هٿان آئوٽ ٿي ويو. مچل ۽ محمد عباس ڇهين وڪيٽ لاءِ 77 رنسون جوڙيون ۽ جڏهن عباس 40 هين اوور ۾ پويلين موٽيو ته نيوزيلينڊ جو اسڪور 6 وڪيٽن جي نقصان تي 209 رنسون هو. وڪيٽون ڪرڻ جي باوجود، مچل هي جارحاڻي انداز ۾ بيٽنگ جاري رکي ۽ آخري اوور ۾ 24 رنسون ٺاهيون، جنهن جي ڪري ڪيويز جي اننگز 8 وڪيٽن تي 292 رنسن تي ختم ٿي وئي. پاڪستان لاءِ محمد وسيم جونيئر ۽ سفيان مقيم 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته فهيم اشرف، عاڪف جاويد ۽ حارث رئوف هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي. نيوزي لينڊ جو هڪ رانديگر رن آئوٽ ٿي ويو. ياد رهي ته ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ 4 تبديليون ڪيون ويون آهن. پاڪستاني ٽيم امام الحق، عبدالله شفيق، بابر اعظم، محمد رضوان (ڪپتان)، سلمان علي آغا، طيب طاهر، فهيم اشرف، محمد وسيم جونيئر، حارث رئوف، سفيان مقيم ۽ عاڪف جاويد تي مشتمل آهي. سيريز جي پهرين ميچ ۾ کيڏندڙ عثمان خان، محمد علي، عرفان خان نيازي ۽ نسيم شاهه پاڪستاني پليئنگ اليون ۾ شامل نه آهن. اهڙي طرح نيوزي لينڊ جو مکيه بيٽسمين مارڪ چيپمين هيمسٽرنگ جي زخم سبب ٽيم جو حصو نه ٿي سگهيو. رائس ماريو ڪيويز لاءِ پنهنجو ڊيبيو ڪيو آهي، جڏهن ته بين سيئرز نيوزيلينڊ ٽيم ۾ مارڪ چيمپيئن جي جاءِ تي آيو آهي. ياد رهي ته نيوزيلينڊ کي ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز ۾ هڪ صفر جي برتري حاصل آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے