welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيلي فوج جو غزه تي حملو، 5 ٻارن سميت 44 فلسطيني قتل

غزہ:(اڱارو 29 اپريل 2025ع)غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جاري آهي، جنهن ۾ غزه تي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ پنج ٻار قتل ٿي ويا. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب صبح کان وٺي غزه ۾ حملن ۾ 44 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اسرائيلي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 5 ٻار به قتل ٿيا آهن. ٻئي طرف، اسرائيل پاران غزه جي امداد جي بندش خلاف عالمي عدالت انصاف ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران فلسطيني سفير چيو ته اسرائيل غزه جي امداد کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. ان دوران، حزب الله جي اڳواڻ نعيم قاسم پڻ لبناني حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو آمريڪا ذريعي اسرائيل کي لغام ڏئي. ان کان علاوه، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل يمن ۾ آمريڪي حملي ۾ عام ماڻهن جي موت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے