welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ملڪ ۾ پوليو ويڪسين کان انڪار ڪندڙ 44 هزار والدين مان 34 هزار ڪراچي جا آهن: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي:(آچر 13 اپريل 2025ع)وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ پوليو ويڪسين کان انڪار ڪندڙ 44 هزار والدين مان 34 هزار ڪراچي جا آهن. پوليو ايمرجنسي آپريشن سينٽر ڪراچي ۾ ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته 34 هزار مان 27 هزار والدين جو تعلق ڪراچي جي اوڀر ضلعي سان آهي. پوليو ويڪسين وٺڻ کان انڪار ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو آپشن موجود آهي، پر هو ذاتي طور تي پوليس ڪارروائي جي حق ۾ ناهي. مصطفيٰ ڪمال والدين کي اپيل ڪئي ته پوليو ويڪسين خلاف منفي پروپيگنڊا تي ڌيان نه ڏين، هن چيو ته جيڪي پوليو کان بچاءُ جا ويڪسين نه ٿا لڳن اهي سماج جا دشمن آهن. مصطفيٰ ڪمال چيو ته پوليو اڃا تائين صرف پاڪستان ۽ افغانستان ۾ موجود آهي، پوليو وائرس اسان جي ماحولياتي نمونن ۾ موجود آهن، ۽ پهريون ڀيرو افغانستان ۽ پاڪستان ۾ گڏيل طور تي پوليو خلاف مهم شروع ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي وارن ڪارڪنن جو احترام ڪيو وڃي، پوليو وائرس کي هر قيمت تي ختم ڪيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے