welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بزدار دور ۾ ٿيل 3907 ملين رپين جي وڏي مالي بي ضابطگين جو انڪشاف

لاھور:(سومر 07 اپريل 2025ع)پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار جي دور ۾ 3907 ملين رپين جي وڏي مالي بي ضابطگي جو انڪشاف ٿيو آهي. مظفر ڳڙهه جي سي اي او ضلعي اٿارٽي پنهنجي مدت جي خاتمي جي باوجود 3907 ملين رپين جي بجيٽ جي منظوري ڏني. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آڊٽ ڊپارٽمينٽ مظفر ڳڙهه جي سي اي او ۽ ڊپٽي ڪمشنر خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته ضلعي هيلٿ اٿارٽي مظفر ڳڙهه جي 2021-22 جي بجيٽ کي به غير قانوني قرار ڏنو آهي. دستاويزن موجب، سي اي او ڊسٽرڪٽ هيلٿ اٿارٽي جو مدو 2018 ۾ ختم ٿي ويو، پر سندس مدو ختم ٿيڻ جي باوجود، مالي سال 2021 جي بجيٽ منظور ڪئي وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے