welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غزه تي اسرائيلي فوج جي وحشيانه حملن ۾ هڪ ڏينهن ۾ 32 فلسطيني ڪيا ويا

غزہ:(اربع 23 اپريل 2025ع)غزه ۾ اسرائيلي فوج جي ظلم جاري آهي، تباهي مچائيندڙ بمباري ۾ وڌيڪ 32 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته درجنين زخمين کي طبي امداد ملي رهي آهي. رپورٽ موجب هڪ ڏينهن ۾ غزه تي اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ 32 ٿي ويو آهي. ڏکڻ غزه جي خان يونس شهر ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ چار فلسطيني مارجي ويا. خان يونس ۾ اسرائيلي بمباري سبب بي گهر فلسطينين جي خيمن ۾ باهه لڳي وئي، جنهن ۾ 11 ماڻهو موقعي تي ئي مارجي ويا. اسرائيلي فوج تل ڪرام ۾ فلسطيني گهرن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا، سپاهين فلسطينين تي تشدد ڪيو ۽ انهن کي منتقل ٿيڻ تي مجبور ڪيو. اسرائيلي حملن جي ڪري غزه ۾ پوليو مهم به ملتوي ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه، مغربي غزه شهر ۾ هڪ گهر تي هوائي حملي ۾ هڪ ئي خاندان جا ست ماڻهو شهيد ٿي ويا، جڏهن ته نصيرت پناهگير ڪئمپ تي جنگي جهاز جي حملي ۾ ٻه ڇوڪرين سميت ٽي شهري مارجي ويا. ٻئي طرف، اردن ۽ مصر اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ 5 کان 7 سالن جي جنگ بندي لاءِ نوان تجويزون پيش ڪيون آهن، جڏهن ته منصوبي ۾ اسرائيلي فوجن جي مڪمل واپسي ۽ قيدين جي مٽا سٽا شامل آهي. اسرائيل پاران 18 مهينا اڳ شروع ڪيل جنگ ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ 51,266 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته غزه تي اسرائيلي جارحيت ۽ بربريت ۾ زخمي ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 116,991 تائين پهچي ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے