welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياحتي هنڌ تي فائرنگ ۾ 28 سياح مارجي ويا

سرينگر:(اڱارو 22 اپريل 2025ع)والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سياحتي مقام پهلگام ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ 28 سياح مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا. ڀارتي ميڊيا موجب، ڪيترائي سياح هندستاني رياستن گجرات ۽ ڪرناٽڪا جا آهن. والاريل وادي جي وڏي وزير عمر عبدالله واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته اڳوڻي وڏي وزير محبوبه مفتي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي. والاريل ڪشمير جي وڏي وزير عمر عبدالله چيو آهي ته فائرنگ جو واقعو ڪيترن ئي سالن ۾ سڀ کان وڏو حملو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب عمر عبدالله جو چوڻ آهي ته زخمين ۽ فوتين جو انگ طئي ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته هي واقعو اهڙي وقت ۾ پيش آيو جڏهن آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس هندستان ۾ آهي. آمريڪي نائب صدر حملي جي مذمت ڪئي ۽ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب واقعي کان پوءِ ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه به سرينگر پهچي ويو آهي، جتي هن والاريل ڪشمير جي وڏي وزير عمر عبدالله سان ملاقات ڪئي. ڀارتي ميڊيا موجب پهلگام حملي کانپوءِ ڀارتي شهر ممبئي ۾ اهم هنڌن تي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے