سکھر:(اربع 23 اپريل 2025ع)پ پ سنڌ جو صدر سيد خورشيد شاهه ٻٻرلوءِ ۾ 6 ڏينهن به جاري ڌرڻو ويٺل وڪيلن وٽ پهچي ويا، 25 اپريل تي سکر جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ۽ قافلن کي رستو ڏيڻ جي گذارش ڪئي.
انهي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي پ پ جو موقف چٽو آهي، پاڻي بابت جوڙيل قانون موجب سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.
خورشيد شاهه چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ پ پ لاڳيتو ويڙهه وڙهي آهي، اسان وفاق کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته هو نفرتون نه ڦهلائين عوام کي اتي ئي ٿڌو ڪيو وڃي.
پ پ جي مرڪزي اڳواڻ چيو ته پ پ جي اعلانيل جلسي ۾ لاڙڪاڻو، نوابشاهه، حيدرآباد سميت سڄي سنڌ مان جيالا پ پ جي جلسي ۾ شرڪت ڪندا. 25 اپريل تي پ پ جو روهڙي ۾ تاريخي جلسو ٿيندو، جلسي ۾ لکين ماڻهو شرڪ ڪندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language