ڪمون شھيد:(اربع 23 اپريل 2025ع)سنڌ بار ڪائونسل جي وڪيلن جي سربراهي ۾ سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شھيد تي احتجاجي ڌرڻو جاري،وڪيلن سان گڏوگڏ عام شھرين جي به وڏي تعداد ۾ شرڪت
سنڌ بار ڪائونسل جي وڪيلن جي سربراهي ۾ سنڌ پنجاب بارڊ وٽ احتجاجي ڌرڻو جاري آھي،ڌرڻي ۾ وڪيلن سان گڏوگڏ عام شھرين به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي آھي،قومي شاهراھ بند ھجڻ سبب ٻنھي طرفان کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن.
ٽريفڪ بند ھجڻ سبب مسافر سخت ڏکيائين کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن،جڏھن ته قومي شاهراهه تي موجود مال بردار گاڏين ۾ پيل فروٽ ۽ سبزيون به خراب ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language