مانسھرہ: (ڇنڇر 05 اپريل 2025ع)مانسهره ۾ هڪ عورت ۽ سندس 16 مهينن جي ڌيءَ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب، اهو واقعو مانسهره ۾ پيش آيو، جتي هڪ عورت کي سندس ڌيءَ سميت پسند جي شادي ڪرڻ تي قتل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت 3 سال اڳ پنهنجي عاشق سان شادي ڪئي هئي، جڏهن ته سندس مڙس سعودي عرب ۾ آهي.
پوليس موجب، عورت کي سندس وارثن قتل ڪيو ۽ 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language