welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارت ۾ خطرناڪ بيماري پکڙجي وئي، ڪيترائي ڪانوَ مرڻ لڳا

بھار: (ڇنڇر 01 مارچ 2025ع)هندستاني رياست بهار جي شهر جهان آباد ۾ پوليس لائنز ۽ سرڪٽ هائوس جي ويجهو هڪ خطرناڪ بيماري پکڙجڻ کان پوءِ لڳ ڀڳ هڪ درجن ڪاوَ مري ويا آهن. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب مئل ڪانن جا لاش ٽيسٽ لاءِ ڪولڪتا موڪليا ويا، جن ۾ برڊ فلو (ايوين انفلوئنزا) جي تصديق ٿي. ضلعي مئجسٽريٽ انڪوريتا پانڊي چيو ته پوليس لائنز ۽ آس پاس جي علائقن ۾ مليل مئل ڪانن جا نمونا ٽيسٽ لاءِ ڪولڪتا موڪليا ويا ۽ رپورٽ ۾ برڊ فلو جي تصديق ٿي. هن چيو ته انتظاميا الرٽ آهي ۽ متاثر علائقن جي نگراني ڪئي پئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته علائقي جي رهواسين کي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي. ڊاڪٽر گيانويندر ڪمار ورما، جنهن ريسرچ ٽيم جي اڳواڻي ڪئي، اهو به چيو ته گھبرائڻ جي ضرورت ناهي، ڪانن ۾ S5N1 جون علامتون مليون آهن، ۽ مختلف ٻين علائقن مان ڪڪڙن جا نمونا پڻ گڏ ڪيا پيا وڃن. ڊاڪٽر گيانويندر ڪمار ورما چيو ته اڃا تائين ڪڪڙن جي ڪنهن به موت جي رپورٽ ناهي آئي، پر احتياطي طور تي صفائي ڪئي پئي وڃي. ويٽرنري ڊپارٽمينٽ جي عملدارن ڪڪڙن جي مئل مليل هنڌ کان 3 ڪلوميٽر جي دائري اندر واقع پولٽري فارمن مان نمونا گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. جانورن جي پالڻ واري آفيسر ڊاڪٽر ونئي ڪمار چيو ته برڊ فلو جو وائرس 70 درجا يا ان کان مٿي جي گرمي پد تي زنده نه رهي سگهي ٿو، تنهن ڪري چڱي طرح پڪل ڪڪڙ کائڻ ۾ ڪو به نقصان ناهي. جانورن جي پالنا کاتي جي پولٽري آفيسر ڊاڪٽر راني ڪماري ماڻهن کي محتاط رهڻ جي اپيل ڪئي. برڊ فلو، جنهن کي 'ايوين انفلوئنزا' پڻ چيو ويندو آهي، هڪ وائرل انفيڪشن آهي جيڪو نه رڳو پکين پر انسانن ۽ ٻين جاندارن کي به متاثر ڪري سگهي ٿو. H5N1 برڊ فلو جو سڀ کان عام روپ آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے