welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيل غزه ۾ جنگ بندي جي واڌ جي آمريڪي تجويز قبول ڪري ورتي

تل ابیب: (آچر 02 مارچ 2025ع)اسرائيل غزه ۾ جنگ بندي جي معاهدي ۾ عارضي واڌ جي آمريڪي تجويز قبول ڪري ورتي آهي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي آفيس پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته رمضان ۽ اپريل جي وچ ۾ يهودي موڪلن دوران جنگ بندي ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي. اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس موجب، يرغمالين مان اڌ، زنده يا مئل، جنگ بندي جي پهرين ڏينهن تي اسرائيل جي حوالي ڪيا ويندا. اسرائيلي وزيراعظم آفيس جي اعلان تي حماس يا جنگ بندي جي ثالثن طرفان فوري طور تي ڪو به جواب نه آيو آهي. ياد رهي ته اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگ بندي جي معاهدي جو پهريون مرحلو گذريل ڏينهن مڪمل ٿيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے