اسلام آباد: (اربع 26 مارچ 2025ع)عالمي مارڪيٽ ۾ پئٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ بعد پاڪستان ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ ڦيرڦار جو امڪان آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ پئٽرول جي قيمت هڪ ڊالر 4 سينٽ گهٽجي 5 ڊالر 84 سينٽ في بيرل ٿي وئي، ڊيزل به عالمي مارڪيٽ ۾ 60 سينٽ سستو ٿي ويو، ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ اگهن جي لاٿ کي ڏسندي پاڪستان ۾ به پئٽرول 3 رپيا 18 پئسا ۽ ڊيزل 3 رپيا في لٽر سستو ٿي سگهي ٿو
0 تبصرے
Do not use vulgar language