لاھور: (آچر 02 مارچ 2025ع)ڀارت چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي آخري گروپ اسٽيج ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 44 رنسن سان شڪست ڏئي گروپ اي ۾ 6 پوائنٽن سان ٽاپ تي پهچي ويو.
هندستان جو مقابلو گروپ بي جي نمبر 2 ٽيم آسٽريليا سان سيمي فائنل ۾ ٿيندو، جيڪو 4 مارچ تي دبئي ۾ کيڏيو ويندو.
نيوزي لينڊ جي ٽيم گروپ اي ۾ ٻئي نمبر تي آئي ۽ ٻئي سيمي فائنل ۾ گروپ اي جي نمبر ون ٽيم، ڏکڻ آفريڪا سان مقابلو ڪندي. هي ميچ 5 مارچ تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.
چيمپئنز ٽرافي جو فائنل 9 مارچ تي کيڏيو ويندو. جيڪڏهن هندستان فائنل ۾ پهچي ٿو ته ميچ دبئي ۾ ٿيندو، ٻي صورت ۾ آسٽريليا جي ٽيم فائنل نيوزيلينڊ يا ڏکڻ آفريڪا خلاف لاهور ۾ کيڏندي.
چيمپيئنز ٽرافي جا سڀئي ميچ جيو سوپر تي لائيو نشر ڪيا پيا وڃن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language