اسلام آباد : (اڱارو 18 مارچ 2025ع)پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر اشرفي چيو آهي ته خانگي حاجين کي اڃا تائين منيٰ ۽ عرفات ۾ جاءِ مختص نه ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري خطرو آهي ته 70 کان 75 هزار خانگي حاجين جو حج ڪوٽا ختم ٿي ويندو.
هڪ بيان ۾ حافظ طاهر اشرفي چيو ته 89 هزار خانگي حاجين لاءِ منيٰ ۽ عرفات ۾ جاءِ مختص ڪرڻ جو مسئلو خانگي حاجين جي تنظيم ۽ مذهبي معاملن جي وزارت جي وچ ۾ اختلافن جي ڪري پيدا ٿيو آهي.
هن چيو ته هن اختلاف جي ڪري سعودي حڪومت پاران ڏنل آخري تاريخ ختم ٿي چڪي هئي. هاڻي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سعودي اختيارين کي خط لکيو آهي ته هو مسئلي کي جلد حل ڪن. جيڪڏهن مسئلا حل نه ٿيا ته هزارين خانگي فرد حج جي فرض کان محروم ٿي ويندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language