رتوديرو: (ڇنڇر 01 مارچ 2025ع)رتيديري لڳ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ علي بيگ ڪوڏراڻي ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پلاٽ جي مسئلي تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب 50 ورهين جو محمد عرس پٽ امير بخش ابڙو قتل ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف مقتول جي ڀاءُ خادم حسين جو چوڻ هو ته پلاٽ جي مسئلي تان اسان جو پنهنجي ذات وارن سان مسئلو هلندڙ آهي، جنهن تان جوابدارن منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آهي، ٻي طرف ايس ايچ او وارثڏنو ماڇي شاهنواز مهر موجب ڌريون پاڻ ۾ پڦاٽ ماروٽ آهن، جن ۾ پلاٽ جي مالڪي تان واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language