welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وارهه ڀرسان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان ڇڪتاڻ تيز، مهمان پيرسن قتل

وارہ: (ڇنڇر 01 مارچ 2025ع)وارهه ڀرسان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان ڇڪتاڻ تيز، مهمان پيرسن قتل، حمل ٿاڻي جي حد ڳوٺ خير محمد ٻرڙو ۾ ميرڙاڻي پاڙي جي چانڊين وٽ مهمان ٿي ترسيل 60 ورهين جي غلام حسين چانڊيو کي هٿياربندن قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس ۽ وارثن پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو، واقعي بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون، مقتولن جو انگ 5 ٿي ويو،پوليس جو چوڻ آهي ته ميرڙاڻي پاڙي جي حملاڻي ۽ مراداڻي چانڊين جي ٻن ڌُرين ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، پيرسن کي پلاند ۾ قتل ڪيو ويو آهي، جاچ ڪريون پيا، مقتول جي ڀائيٽي چيو ته ظالمن ظلم ڪيو آهي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ڏيڍ سال اڳ ميھڙ جي وحدت ڪالوني ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ايس ٽي پي اڳواڻ علي انور چانڊيو ۽ سندس عبدالڪريم جانوري جي قتل بعد ڌرين ۾ خوني تڪرار جنم ورتو، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو وٽ ڌرين جو پاڪ ڪلام تي نبيرو ٿيڻ باوجود گذريل مهيني نوجوان ھاشم چانڊيو کي قتل ڪري تڪرار کي هڪ ڀيرو ٻيهر وڌايو ويو

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے