welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد پ پ جي سياسي مخالف ايڊووڪيٽ سلامت علي لاکو کي مبينه طور جيل اندر قتل ڪرڻ جو منصوبو ناڪام

حیدرآباد: (جمعو 21 مارچ 2025ع)حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد پاڪستان پيپلزپارٽي جي سياسي مخالف ايڊووڪيٽ سلامت علي لاکو کي مبينه طور جيل اندر قتل ڪرڻ جو منصوبو ناڪام، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي جيل پوليس حيدرآباد منور شاهه سلامت علي لاکو جي مخالفن کان ڳري رقم وٺي کيس ميرپورخاص جي جيل منتقل ڪري سندس قتل جو منصوبو جوڙي رهيو هو. ان ڏس ۾ مليل اطلاع موجب ميرپورخاص مان 2018ع جي عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي شڪست ڏياري پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار کي ڪامياب ڪرائيندڙ سلامت علي لاکو 2024ع جي چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ سبب آزاد حيثيت ۾ ميرپورخاص جي صوبائي تڪ پي ايس 45 تان پيپلزپارٽي جي اميدوار خلاف چونڊ وڙهيو جنهن کانپوءِ پ پ جا مقامي اڳواڻ توڙي صوبائي قيادت سندس مخالف بڻجي وئي ۽ ان خلاف هڪ سئو کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪرائي کيس جيل روانو ڪرايو ويو. نه صرف اهو پر سلامت علي لاکو جي سياسي مخالفن کيس مارائڻ لاءِ جيل کاتي جي اعليٰ آفيسرن جي مدد طلب ڪري کيس حيدرآباد جي سينٽرل جيل مان منتقل ڪري ميرپورخاص جي جيل ۾ رکڻ جي منصوبه بندي ان وقت سامهون جڏهن 14 مارچ جي شام تي ڊي آءِ جي جيل حيدرآباد منور شاهه جيل سپرنٽنڊنٽ نائب ٻانڀڻ تي دٻاءُ وجهندي کائنس سلامت علي لاکو کي ٻي جيل ۾ منتقل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ ميرپوخاص جيل منتقل ڪرڻ لاءِ سلامت علي لاکو کي نيو ويو ته جيل سپرنٽنڊنٽ ميرپوخاص اشفاق ڪلوڙ سياسي قيدي کي پاڻ وٽ رکڻ کان انڪاري ڪري کيس واپس روانو ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب سلامت علي لاکو کي قتل ڪرڻ جي منصوبه بندي جو علم پوڻ ته ڳجهن ادارن جيل کاتي ۽ سنڌ حڪومت تائين ان خبر کي ڦهلائي ڇڏيو جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت اهڙي منصوبه بندي ڪندڙ ڊي آءِ جي جيل حيدرآباد منور شاهه، اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ ميرپورخاص جيل عظيم قادر ٿيٻو ۽ ميرپوخاص جيل جي چئن اهلڪارن کي معطل ڪري کين هيڊڪوارٽر ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته جيل سپرنٽنڊنٽ ميرپوخاص اشفاق ڪلوڙ پاران سياسي قيدي سلامت علي لاکو جي جان بچائڻ تي سندس واکاڻ شروع ٿي وئي آهي پر اتي سوال اهو اٿي ٿو ته ڇا سنڌ اندر سياسي قيدين سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو، جنهن جو جواب پڻ اڃا تائين سواليه نشان بڻيل آهي...

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے