welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سائنسدانن سپر بگس خلاف حيرت انگيز ڪاميابي حاصل ڪئي

لنڊن: (جمعو 07 مارچ 2025ع)سائنسدانن سپر بگس خلاف جنگ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. سائنسدانن انساني مدافعتي نظام جو هڪ نئون حصو دريافت ڪيو آهي جيڪو قدرتي اينٽي بايوٽڪ جو خزانو ٿي سگهي ٿو. هر سال ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهو انهن انفيڪشنن سبب مرن ٿا جن تي موجوده اينٽي بايوٽڪ ڪم نه ٿيون ڪن. برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب سائنسدانن انساني سيلن اندر هڪ اهڙو نظام ڳولي لڌو آهي جنهن ۾ بيڪٽيريا کي مارڻ جي خفيه صلاحيت آهي. سائنسدانن جسم جي هر سيل ۾ هڪ مڪمل نظام دريافت ڪيو آهي جيڪو پراڻن پروٽين کي ننڍڙن ٽڪرن ۾ ٽوڙي ٿو ۽ انهن کي ٻيهر استعمال ڪري نوان پروٽين ٺاهي ٿو. جڏهن ڪو سيل بيڪٽيريا سان متاثر ٿئي ٿو، ته هي نظام ان کي سڃاڻي ٿو ۽ پراڻن پروٽين کي خطرناڪ هٿيارن ۾ تبديل ڪرڻ شروع ڪري ٿو جيڪي بيڪٽيريا جي ٻاهرئين پرت کي سوراخ ڪري انهن کي ماري سگهن ٿا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هي هڪ تمام دلچسپ دريافت آهي ڇاڪاڻ ته اسان کي اڳ ۾ خبر نه هئي ته اهو ٿي رهيو آهي، هي عمل جسم جي سڀني سيلن ۾ ٿي رهيو آهي ۽ قدرتي اينٽي بايوٽڪ جي هڪ نئين طبقي کي جنم ڏئي رهيو آهي. جيئن ته اهي مادا انساني جسم ۾ موجود آهن، تنهن ڪري انهن مان ٺهيل اينٽي بايوٽڪ جا ضمني اثرات پڻ تمام گهٽ هوندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے