welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٺري ميرواهه ۾ ڪئنالن خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو، ڪئنال نامنظور جا نعرا

ٺري ميرواھ: (آچر 30 مارچ 2025ع)سنڌوءَ درياهه تي تڪراري ڪئنالن خلاف درياهه بچايو ڪميٽي جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ريلي ۾ عورتن ۽ ٻارن به هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شرڪت ڪئي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ کان پهريان ئي گئس، تيل، لوهه ۽ ٻيا وسيلا کسيا ويا آهن هاڻي وري درياهه تي ڪئنال اڏي پاڻي به کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو اسان عيد کانپوءِ ڪئنالن خلاف جدوجهد تيز ڪنداسين ۽ سنڌوءَ تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏنا ويندا

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے