ڪوئيٽا: (جمعو 07 مارچ 2025ع)هزارگنجي ۾ سندن گهر ۾ گئس ليڪ ٿيڻ جي ڌماڪي ۾ ٻه عورتون فوت ٿي ويون.
پوليس موجب، هزارگنجي جي ڪالي آستر جي رهواسي همايون خان جي گهر ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ همايون خان جي زال ۽ 10 سالن جي ڌيءَ بيبي زويا مارجي ويون، جڏهن ته سندس پٽ رئيس خان زخمي ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي شخص کي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ طبي علاج کان پوءِ گهر منتقل ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language