گڊو: (جمعو 07 مارچ 2025ع)هڪ هفتي دوران گڊو بئراج وٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ 4 هزار 978 ڪيوسڪ جي لاٿ رڪارڊ ٿي آهي، گڊو بئراج تي هفتو اڳ اپ اسٽريم جو وهڪرو 31 هزار 973 ڪيوس رڪارڊ ٿيو هو پاڻي جي لاٿ سبب گڊو اپ اسٽريم جو وهڪرو 26 هزار 995 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، سکر بئراج اپ اسٽريم جو مٿانهون وهڪرو هفتي دروارن 3 هزار 855 ڪيوسڪ گهٽجي ويو آهي، هڪ هفتو اڳ سکر اپ اسٽريم تي پاڻي جو وهڪرو 27 هزار 865 ڪيوسڪ هو اڄ سکر اپ اسٽريم جو مٿانهون وهڪرو 24 هزار 10 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آهي، ڪوٽڙي بئراج وٽ به پاڻي ۾ لاٿ جو سلسلو شروع آهي، اپ اسٽريم ۾ 6 هزار 175 ڪيوسڪ پاڻي موجود آهي، ڪوٽڙي بئراج جو لهوارو وڪرو بند ٿيل آهي، واهن ۾ به معمول کان گهٽ پاڻي جو ڇوڙ ٿي رهيو آهي جڏهن ذريعن جو چوڻ آهي ته صرف پيئڻ جي مقصد لاء پاڻي جي کڻت ڪئي پئي وڃي
0 تبصرے
Do not use vulgar language