welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيد الفطر سڀاڻي ملهائي ويندي

ڪراچي: (آچر 30 مارچ 2025ع)ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، عيد الفطر سڀاڻي ملهائي ويندي. شوال جو چنڊ نظر اچڻ ۽ عيد الفطر جو باضابطه اعلان مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي سربراهه مولانا عبدالخبير آزاد ڪيو. مولانا عبدالخبير آزاد موجب، ملڪ جي مختلف حصن مان چنڊ ​​نظر اچڻ جون رپورٽون مليون آهن. واضح رهي ته پاڪستان ۾ بوهري برادري به اڄ عيد الفطر ملهائي رهي آهي، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه ايمل ولي خان به اڄ عيد ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻئي طرف سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات سميت مختلف خليجي ملڪن ۾ اڄ عيد الفطر ملهائي پئي وڃي، جڏهن ته برطانيا ۽ ڪينيڊا سميت مختلف يورپي ملڪن ۾ عيد 31 مارچ تي ملهائڻ جو امڪان آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے