
آسٽن: (آچر 02 مارچ 2025ع)هڪ خانگي آمريڪي ڪمپني جو خلائي مشن ڪاميابي سان چنڊ تي لهي ويو آهي. هي "فائر فلائي ايرو اسپيس" جو ٻيو ڪامياب مشن آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب، هڪ آمريڪي ڪمپني پنهنجو خلائي جهاز چنڊ تي ڪاميابي سان لاٿو آهي.
هي ڪاميابي ڪنهن به خانگي مشن پاران حاصل ڪيل ٻي وڏي ڪاميابي آهي ۽ پهريون ڀيرو ڪنهن خانگي مشن عمودي لينڊنگ ڪئي آهي.
بليو گھوسٽ لينڊر جي چنڊ تي لينڊنگ جي عمل جي نگراني آسٽن، ٽيڪساس ۾ ڪنٽرول روم مان ڪئي وئي.
هي چنڊ تي مڪمل طور تي لينڊ ڪرڻ وارو پهريون خانگي مشن آهي ۽ آمريڪي خلائي ايجنسي ناسا لاءِ تجربا ڪندو.
فائر فلائي ايرو اسپيس جو مشن جنوري جي وچ ۾ شروع ڪيو ويو، آسٽن ۾ مشن ڪنٽرول ٽيم ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي جڏهن ڪمپني جي سي اي او، جيسن ڪِم، تصديق ڪئي ته خلائي جهاز مستحڪم ۽ عمودي پوزيشن ۾ هو.
بليو گھوسٽ پروگرام مئنيجر، ري ايلنس ورٿ چيو ته لينڊر ٽارگيٽ کان صرف 100 ميٽر اندر لينڊ ڪيو، جيڪو انتهائي درستگي جي نشاني آهي.
"اسان خطري کان بچڻ لاءِ لينڊنگ دوران ٻه ڀيرا پاڻمرادو رخ موڙيو، جنهن جو مطلب آهي ته اسان جو سافٽ ويئر بلڪل ائين ڪم ڪري رهيو هو جيئن ان کي ڪرڻ گهرجي،" هن چيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language