welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪ-افغان طورخم واپاري ڪراسنگ 25 ڏينهن جي بندش کان پوءِ کوليو ويندو

پشاور: (اربع 19 مارچ 2025ع)پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ طورخم واپاري ڪراسنگ کي اڄ 25 ڏينهن کان پوءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پاڪستاني جرڳي جي سربراهه جواد حسين ڪاظمي جو چوڻ آهي ته افغان اختيارين طورخم سرحد تي تڪراري تعمير ختم ڪرڻ تي رضامند ٿي ويا آهن. جواد حسين ڪاظمي چيو ته اربع تي صبح 9 وڳي طورخم بارڊر تي فليگ ميٽنگ ٿيندي، فليگ ميٽنگ کان پوءِ واپاري ڪراسنگ کوليو ويندو. هن چيو ته جي سي سي جي اجلاس تائين جنگ بندي برقرار رهندي. پاڪستاني سيڪيورٽي اختيارين به افغان اختيارين جي فيصلي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ياد رهي ته ٽن هفتن کان وڌيڪ وقت اڳ طورخم سرحد سان لڳندڙ افغان فورسز پاران تعميرات تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي ۽ ڇڪتاڻ جي ڪري طورخم سرحد ڪراسنگ کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو هو. ڪسٽم اختيارين موجب، پاڪ-افغان طورخم واپاري ڪراسنگ جي بندش سان روزانو 3 ملين ڊالر جو نقصان ٿي رهيو آهي. طورخم سرحد جي بندش سبب، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سالياني واپاري حجم 2.5 ارب ڊالر کان گهٽجي 1.5 ارب ڊالر ٿي ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے