
اسلام آباد: (خمیس 20 مارچ 2025ع)سوشل ميڊيا تي منفي پروپيگڊا مهم ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي ملوث هجڻ جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن.
جي آءِ ٽي ذريعن چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي منفي پروپيگنڊا جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي ملوث هجڻ جون شاهديون سامهون اچي ويون آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ماڻهن سان جاچ دوران جي آءِ ٽي چڙ ڏياريندڙ مواد جمع ڪيو آهي، اهو مواد پي ٽي آءِ قيادت جي رياست مخالف سرگرمين ۽ پروپيگنڊا جو ثبوت آهي.
جي آءِ ٽي ذريعن چيو آهي ته رياست مخالف سرگرمين ۾ پي ٽي آءِ قيادت جا ويجها مائٽ به ملوث آهن، جي آءِ ٽي فورم فعال طور تي ڏوهارين جي خلاف قانوني ۽ انتظامي ڪارروائين جي سفارش ڪري رهيو آهي.
جي آءِ ٽي ذريعن موجب جي آءِ ٽي مفرور ۽ غير حاضر ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي جي سفارش به ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ سينٽرل ميڊيا ڊويزن ۽ سوشل ميڊيا ٽيم جون ڪارروايون رضاڪار فورس جي ذريعي ناهي ڪئي وئي. جي آءِ ٽي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اها رياست مخالف پروپيگنڊا اندرون ملڪ ۽ آف شور اڪائونٽس جي بينڊلرز جي ذريعي ڪيو ويو. انهي پروپيگنڊا مهم جي مالي مدد پرڏيهي لابيز ۽ پي ٽي آءِ قيادت جي ذريعي ڪئي پئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي لابيز پي ٽي آءِ قيادت سان گڏجي انهي پروپگينڊا مهم کي ڪنٽرول به ڪري رهي آهي. جي آءِ ٽي پي ٽي آءِ جي ماڻهن سان سوشل ميڊيا تي منفي پروپيگنڊا جي حوالي سان جاچ ڪري رهي آهي. ذريعن موجب جي آءِ ٽي اليڪٽرانڪ ڏوهه جي ايڪٽ 2016 جي تحت جوڙي وئي هئي، وفاقي حڪومت جي قائم ڪيل جي آءِ ٽي جي سربراهي اسلام آباد پوليس جو آءِ جي ڪري رهيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language