welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽنڊي الهيار ضلعي انتظاميا ۽ واپارين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کانپوءِ واپارين اڄ هڙتال جو ڏنل سڏ واپس وٺي ڇڏيو

ٽنڊي الھيار: (اڱارو 18 مارچ 2025ع)ٽنڊي الهيار ضلعي انتظاميا ۽ واپارين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کانپوءِ واپارين اڄ هڙتال جو ڏنل سڏ واپس وٺي ڇڏيو. رات دير سان ايس ايس پي ٽنڊو الهيار سيد سليم شاھ جي ٽياڪڙي ۾ واپارين ۽ ڊپٽي ڪمشنر ۾ ڳالهيون ٿيون، ٻنهي ڌرين موقف سامهون رکيا. ڳالهين دوران ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاء هڪ ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق ٿيو جنهن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ انجمن تاجران جا ميمبر شامل هوندا. معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ ڊپٽي ڪشنر، ايس ايس پي ۽ انجمن تاجران جي صدر ميڊيا کي گڏيل بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ انجمن تاجران جي صدر پاران اڄ سموري ضلعي ۾ ڏنل هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو. ڳالهين ۾ سياسي اڳواڻن سميت صحافين ۽ واپارين پڻ شرڪت ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے