welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڊيرا غازي خان مان 1.7 ارب رپين جون چوري ٿيل سرڪاري دوائون هٿ

ڊيره غازي اخن: (خمیس 06 مارچ 2025ع)پنجاب جي صحت کاتي ڊيرا غازي خان ۾ هڪ ڪارروائي دوران 1.7 ارب رپين جي چوري ٿيل سرڪاري دوائون هٿ ڪيون. پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ جي ترجمان موجب، ڊرگ ڪنٽرول ٽيم ڊيرا غازي خان ۾ سرور ولي رورل هيلٿ سينٽر تي ڇاپو هنيو ۽ چوري ٿيل سرڪاري دوائون هٿ ڪيون. ترجمان چيو ته دوائن جي چوري ۾ ملوث ٽن اسٽور ڪيپرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان دوران صحت واري وزير خواجه عمران نذير چيو ته سرڪاري دوائن جي چوري بلڪل به برداشت نه ڪئي ويندي. وڏي وزير جو ويزن بلڪل واضح آهي ته سرڪاري دوائن تي غريب ماڻهن جو حق آهي، ڪنهن کي به انهن جو استحصال ڪرڻ جي اجازت ناهي، جڏهن ته جوابدارن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے