welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ اڄ کان گرمي وڌڻ جو امڪان، گرمي پد ڪيترو رهندو؟

ڪراچي: (آچر 02 مارچ 2025ع)موسميات کاتي اڄ کان ڪراچي ۾ گرمي ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ اڄ کان گرمي پد ۾ هڪ کان ٻه ڊگري واڌ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڏينهن جو چمڪندڙ سج سان موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. موسميات کاتي وڌيڪ چيو ته اتر اولهه کان 6 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن ۽ شهر ۾ هوا ۾ نمي 82 سيڪڙو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے