welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مريم نواز ۽ ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪرڻ تي ڪيس داخل

لاھور: (خمیس 20 فيبروري 2025ع)پنجاب جي وڏي وزير ۽ ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪرڻ تي مختلف ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا پکيڙيندڙن خلاف شاهدره، شاهدره ٽائون ۽ ڪوٽ لکپت پوليس اسٽيشنن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا، جن ۾ پي اي سي اي ايڪٽ سميت ٻيون سنگين دفعات شامل هيون. ايف آءِ آر موجب، جوابدارن پنجاب جي وڏي وزير جون فحش وڊيوز ٺاهڻ لاءِ مصنوعي ذهانت استعمال ڪئي. اهي وڊيوز سوشل ميڊيا تي ملڪ دشمن عنصرن جي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻ لاءِ ٺاهيون ويون هيون. ايف آءِ آرز ۾ چيو ويو آهي ته هڪ خاص گروهه جعلي وڊيوز ٺاهي انتشار پکيڙڻ جي سازش ڪئي، پر اڃا تائين ڪو به جوابدار گرفتار نه ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے