بخشاپور: (خميس 27 فيبروري 2025ع)بخشاپور ٿاڻي جي حد، ڳوٺ لطف علي گولاٽو ۾ چوري جي واردات دوران گهر ڌڻي سڄاڳ ٿي پيا، جنهن سبب چورن ۽ ڀاڳين وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ چور موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
پوليس موجب، واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن نامعلوم چور گهر ۾ گهڙي چوري جي ڪوشش ڪئي، پر ڀاڳين جي جاڳڻ بعد ٻنهي طرفن کان فائرنگ ڪئي وئي. ان دوران هڪ چور گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته باقي چور فرار ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ٿي ويل شخص جو واسطو گولاٽو برادري سان آهي. واقعي بعد حد جي پوليس پهچي مقتول جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو. فرار ٿيل چورن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. هوڏانهن پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو ويو آهي ته جلد ئي فرار ٿيل جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language