
رستم: (خميس 27 فيبروري 2025ع)رستم ويجھو ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد مان 31 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل پورھيت ڪامورو اوڏ ۽ سندس 6 ورھين جي پٽ انصاف اوڏ کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، ڏوھارين پاران مغوين کي وزني زنجيرن سان جڪڙڻ بعد بدترين تشدد ڪرڻ واري 31 سيڪنڊن جي وڊيو وائرل ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ ٻئي مغوي سندن ڳوٺ غلام حسين پھوڙ جي چڱي مڙس ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي روئيندي التجا ڪن ٿا ته سندن زندگي کي خطرو آھي، کين فوري طور بازياب ڪرايو وڃي.
مڙس ۽ پٽ ڌاڙيلن وٽ آهن، پوليس مدد نه ٿي ڪري: گلبانو
رستم: مغوين جي اھڙي دردناڪ وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سندن گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو آھي، اغوا ٿيل جي وارث عورت گلبانو ۽ جاويد اوڏ سميت ٻين جو چوڻ ھو ته شڪارپور پوليس سندن مدد نه ٿي ڪري، جنھن ڪري 31 ڏينھن گذرڻ باوجود اغوا ٿيل پورھيت ۽ سندس 6 ورھين جو پٽ بازياب نه ٿي سگھيو آھي، ڏوھاري کين وڻن ۾ زنجيرن سان جڪڙي تشدد واري وڊيو پڻ وائرل ڪندا رھن ٿا، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.
11 ڄڻا اغوا ٿي چڪا: ٽي ٽي ڀيرا تشدد واريون وڊيوز وائرل
رستم : ڪوٽ شاھو واري علائقي مان ھن وقت به 11 ڄڻا اغوا ٿيل آھن، جنھن ۾ 11 فيبروري جي ڏينھن اغوا ٿيل ڪرمپور واسي نظام الدين، نديم، حضور بخش، ھزار خان، امام علي، حفيظ ملڪ، سھيل شيخ، جمعو چاچڙ ۽ سندس ڀاءُ رمضان چاچڙ، فيضو جي پارڪو واسي پورھيت ڪامورو اوڏ ۽ سندس 6 ورھين جو پٽ انصاف اوڏ به اغوا ٿيلن ۾ شامل آھن، سمورن مغوين تي ڏوھارين پاران 3-3 دفعا تشدد ڪرڻ واري وڊيو وائرل ڪرڻ بعد شڪارپور پوليس کي ڪوٽ شاھو ۽ ڳڙھي تيغي جي ڪچي ۾ ھلندڙ آپريشن کي سرعام روڪڻ جي ڊمانڊ ڪن ٿا ۽ مغوين تي پڻ بدترين تشدد ڪندي نظر اچن ٿا.
ڪچي ۾ آپريشن جي پلاند ۾ ڌاڙيل 2 پوليس اهلڪارن کي به شهيد ڪري چڪا
رستم : ڳڙھي تيغي ۽ ڪوٽ شاھو جي ڪچي واري علائقن ۾ ھلندڙ پوليس آپريشن ۾ ذريعن موجب ھن وقت تائين 16 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي چڪو آھي پر ڏوھارين جون ڪارروائيون گھٽجڻ بدران وڌڻ لڳيون آھن، ڌاڙيل شڪارپور پوليس جي آپريشن کي روڪڻ لاءِ ڊسمبر مھيني ۾ ڳڙھي تيغو ۾ ھوٽل تي ويٺل ٻن پوليس اھلڪارن الطاف بروھي ۽ عبدالقادر ڪلادي کي پڻ شھيد ڪري چڪا، شھيد ٻنھي پوليس اھلڪارن جا قاتل ھن وقت تائين گرفتار نه ٿي سگھيا آھن. ته ٻئي طرف ڏوھارين اغوا وارداتون تيز ڪري ڇڏيون آھن.
ڳڙهي تيغو ۽ ڪوٽ شاهو ۾ آپريشن دوران چئن مهينن اندر 14 جوابدار مارڻ جي دعويٰ
رستم : شڪارپور پوليس جو ڳڙھي تيغي ۽ ڪوٽ شاھو واري علائقن ۾ گذريل چئن مھينن کان آپريشن ھلندڙ آھي، جنھن ۾ پوليس ڊرون آپريشن ذريعي ذريعن موجب 14 ڏوھاري ماري چڪي آھي، جنھن ۾ حاڪم تيغاڻي ، جاڳڻ تيغاڻي، غلام فريد تيغاڻي ۽ ٻيا شامل آهن، ته ذريعن موجب 50 ڏوھاري پڻ زخمي ٿي چڪا آھن.
اغوا ٿيل ٻن ڀائرن تي ڌاڙيلن جو بيرحماڻو تشدد: تذليل
رستم : ڏوھاري خاص طور تي مغوين مان جمعو چاچڙ ۽ سندس ڀاءُ رمضان چاچڙ تي گھڻو تشدد ڪندي توڙي سندن تذليل ڪندي وائرل ڪيل وڊيوزن ۾ نظر ايندا رھن ٿا.
ڪچي ۾ آپريشن بعد اغوا جون وارداتون تيز ٿيون آهن: وارث
رستم : اغوا ٿيل سمورن مغوين جي وارثن رمضان ملڪ، علي شير چاچڙ، رحيمان ملڪ، گلبانو اوڏ،جاويد اوڏ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 2-2 دفعا احتجاجي مظاھرا ڪري شڪارپور پوليس کان مطالبا ڪري چڪا آھيون ته اسان جي پيارن کي بازياب ڪرايو وڃي، پر ڪجھه ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ڏوھارين ھن وقت تائين اغوا ٿيلن جي بازيابي عيوض ڀنگ ناھي طلب ڪيو، ڏوھاري ھڪئي مطالبو ڪن ٿا ته ڪوٽ شاھو ۽ ڳڙھي تيغي جي ڪچي ۾ ھلندڙ پوليس جو آپريشن بند ڪرايو وڃي، جيڪو مطالبو اسان پوليس سامھون نٿا رکي سگھون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language