welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شڪارپور مان 6 ڳوٺاڻا اغوا: 2 آزاد: ڌاڙيلن طرفان ڪچي ۾ آپريشن بند ڪرڻ جو مطالبو

چڪ: (خميس 27 فيبروري 2025ع)چڪ لڳ اغوا ٿيل 6 ڳوٺاڻن مان ٻن ڄڻن کي ڏوهارين ڪچي واري علائقي ڇڏي ڏنو، چئن ڄڻن جي اغوا جي تصديق، ڏوهارين پاران ڪچي واري علائقي پوليس آپريشن بند ڪرڻ ۽ چڪ رستم روڊ تي لٻاڻي شاخ پوليس پڪٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو، ڳوٺ عيسا ٽانوري واسي 6 ڄڻن عبدالوحيد ٽانوري، عبدالقادر ٽانوري، عرفان ٽانوري، راحب عبدالسميع ٽانوري، عبدالڪريم ٽانوري، کي اغوا ڪندڙ ڏوهارين ٻن نوجوانن عبدالڪريم ٽانوري ۽ عبدالسميع ٽانوري کي ڪچي واري علائقي محمود آباغ ويجهو آزاد ڪري ڇڏيو ،جڏهن ته چئن ڄڻن عبدالوحيد ٽانوري، عبدالقادر ٽانوري، عرفان علي ۽ ٽانوري راحب علي ٽانوري کي اغوا ڪري ڪچي واري علائقي طرف کڻي ويا، آزاد ٿيل نوجوانن عبدالڪريم ٽانوري ۽ عبدالسميع ٽانوري چيو ته چڪ شهر مان واپس ڳوٺ وڃڻ دوران هٿياربندن اغوا ڪيو، هٿياربند 4 هئا جن ڪچي واري علائقي ۾ پهچڻ بعد اسان کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ پاران ڪچي واري علائقي ڊرون آپريشن بند ڪيو وڃي ۽ چڪ رستم روڊ تي قائم پوليس پڪٽ ختم ڪئي وڃي اهڙو مطالبو ڪرڻ بعد اسان کي ڇڏي چئن ڄڻن کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، ٻئي طرف ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جو چوڻ آهي ته ڏوهاري آپريشن کان خوفزده ٿي حرڪتون ڪري رهيا آهن، انهن جي فرمائش ڪڏهن پوري نه ٿيندي، ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. جلد مغوين کي باحفاظت بازياب ڪرائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے