welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سينئر سياستدان نواب يوسف ٽالپر جو مڙهه ڪراچي کان سامارو پهچايو ويو، جنازي نماز ادا، وڏي وزير سميت اهم اڳواڻن جي شرڪت

سامارو: (اربع 19 فيبروري 2025ع)ضلعي عمرڪوٽ مان ڪامياٻي ماڻيندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جو ايم اين اي نواب يوسف ٽالپرڪجھه عرصو بيمار رھڻ بعد ڪالهه ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جو مڙهه اڄ تعلقي سامارو جي ڳوٺ مانجھاڪر فارم آندو ويو. نواب يوسف ٽالپر جو مڙهه سامارو پھچڻ تي شھرين پاران گلن جي ورکا ڪئي وئي سندس وڇوڙي تي عمرڪوٽ ضلعي جي ڪيترائي شھر سوڳ ۾ مڪمل طور تي بند آھن. نواب يوسف ٽالپر جي جنازي نماز ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سميت صوبائي وزيرن، ايم پي ايز، سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نواب محمد يوسف ٽالپر 15جنوري 1943ع ۾ نواب پير بخش خان ٽالپر جي گهر ۾ پيدا ٿيو سال 1966 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي سنڌ يونيورسٽي ۾ قومپرست ۽ شاگرد سياست ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو مچ جيل جي به ياترا ڪئي آزاد ٿيڻ مھل شاگردن سنڌ يونيورسٽي جي اولڊڪئمپس ۾ سندس پرجوش آڌر ڀاءُ ڪيو. سنڌ جي شاگرد سياست ۾ 4 مارچ جو ھيرو رھيو 70 ۽ 80 جي ڏهاڪي جي هارڊ ۽ نظرياتي شاگرد سياست جو مضبوط ۽ اڏول ڪامريڊ ڪردار جو مالڪ رھيو. 1977 ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي ڊگھڙي مان اليڪشن وڙھيو ان کانپوء ممتاز علي ڀٽو سنڌ نيشنل فرنٽ ٺاھي ته نواب يوسف ٽالپور ان ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ممتاز علي ڀٽو سنڌ جي سياست مان واقف ھو ۽ نواب يوسف ٽالپور کي سنڌ جو صدر مقرر ڪيو ۽ سنڌ جي حقن لاء سياست ڪئي ان کانپو 1993 ۾ محترمه سان ملاقات ڪري پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ڪوٽ غلام محمد سامارو ۽ عمرڪوٽ جي حلقي تان ايم اين اي چونڊجي ويو ۽ زراعت کاتي جو وفاقي وزيرٿيو پنھنجي حلقي ۾ ترقياتي ڪم ۽ بيروزگارن کي نوڪريون ڏنيون وري 2002 کان 2025 تائين ايم اين اي رھيو مخالفت ھجڻ باوجود سنڌ جي پاڻي جو ڪيس قومي اسيمبلي جي فلور تي وڙھندو رھيو. نواب يوسف ٽالپور مسلسل 6 ڀيرا عمرڪوٽ ۾ ايم اين اي رهيو قومپرست سياست ڪئي ۽ ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ اهم ڪردارڪردار ادا ڪيونواب يوسف ٽالپر شاگردي واري دور کانپوء سياست شروعات ڪئي. سندس تڏو اباڻي ڳوٺ ۾ وڇايو ويو آهي جتي سندس فرزند ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر ۽ ٻين پاران تعزيت وصول ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے