
ٺٽو: (اربع 19 فيبروري 2025ع)سنڌو درياءَ تي اڏجندڙ 6 نون ڪئنالن ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ توڙي زمينن تي قبضن خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سکر کان نڪتل پيادل لانگ مارچ ٺٽو پهچڻ تي مختلف سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن، قومپرستن ۽ شھرين پاران نواز شاھه ڀاڏائي، حاجي انور ڪرناڻي، راول ڪرناڻي، ڪامريڊ ارشد خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ ۾ شامل ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي گلن جي ورکا ڪندي شاندار استقبال ڪيو، ڊگھي منزل لتاڙي ڪراچي ويندڙ پيادل مارچ جي پانڌيئڙن جا پير پٿون ٿي ويا، وک وک تي آجيان سندن حوصلا بلند ڪري ڇڏيا آهن، ان موقعي تي جسقم جي چيئرمين اسلم خيرپوري ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ھڻي زبردستي ڇھه ڪئنال ٺاھڻ ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ زمينن تي والار ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته هڪ پاسي سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي، ٻئي پاسي وري ھاڻي سنڌو درياهه جو نالو مٽائڻ جي ڳالھه ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته سنڌ وطن جي تاريخ ۽ شناخت ميسارڻ نه ڏبي، سنڌ جي ماڻھن پرامن نموني جدوجھد ڪئي آھي، هنن چيو ته پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز پنجاب جي غير آباد زمينن کي آباد ڪرائڻ لاءِ پراجيڪٽن جا افتتاح ۽ پيڙهه جا پٿر رکي ٻين قومن جي وسيلن کي ميسارڻ چاھي ٿي، پر سنڌ حڪمران پنهنجي صوبي ۽ عوام جي مالڪي بدران گهر جا ٽپڙ به کپائڻ ۾ رڌل آهن، جيڪو عمل تاريخ جي ورقن تي صدين تائين شاهدي ڏيندو رهندو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جي وارثي ڪنهن ڪئي هئي، هنن چيو ته سکر کان ٺٽي تائين واھڻ واھڻ وستي وستي جھر جھنگ کين لکين چُمين جا تحفا مليا آھن، اھا سنڌ جي محبت آھي هنن چيو ته 23 فيبروري تي لکين ماڻھو ڪراچي ۾ پھچي اھو ثابت ڪندا ته درياهه تي اڏجندڙ 6 ڪئنالن واري ڪنهن به سازش کي ڪامياب ڪرڻ نه ڏينداسين، ڪئنال نامنظور آھن، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جو حساب ورتو ويندو، جسقم پيادل مارچ ٺٽو ۽ مڪلي کان ٿيندو پنهنجي اڳين منزل گهارو طرف روانو ٿي ويو، جتي رات گذارڻ بعد صبح جو پنهنجي منزل طرف گامزن ٿيندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language