لاھور: (جمعو 14 فيبروري 2025ع)لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 9 مئي جي سانحي ۽ مسلم ليگ (ن) جي آفيس کي ساڙڻ جي ٻن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي فرد جرم لاڳو ڪئي.
عدالت ٻنهي ڪيسن ۾ ياسمين راشد، عمر سرفراز چيما، اعجاز چوڌري ۽ ميان محمودالرشيد تي فرد جرم لاڳو ڪئي. عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت 31 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪئي.
عدالت ٻنهي ڪيسن ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ۽ شاهدن کي انهن خلاف شاهدي ڏيڻ لاءِ طلب ڪيو.
دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ڪوٽ لکپت جيل ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻڌڻي 20 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language