welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حسن نصرالله جي تدفين، ايران جو اهم فيصلو

تھران: (اربع 19 فيبروري 2025ع)هڪ اعليٰ سطحي ايراني وفد شهيد حزب الله اڳواڻ حسن نصرالله جي جنازي ۾ شرڪت ڪندو. لبنان جي سول ايوي ايشن اٿارٽي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته بيروت ايئرپورٽ 23 فيبروري 2025 تي منجهند 12 وڳي کان شام 4 وڳي تائين بند رهندو، ۽ جهازن کي اڏامڻ ۽ لينڊ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. حزب الله ۽ اسرائيل جي لڳ ڀڳ هڪ سال تائين سرحد پار دشمني ۾ ڦاٿل رهڻ کان پوءِ نصرالله کي شهيد ڪيو ويو. لبناني هٿياربند گروپ غزه ۾ پنهنجي فلسطيني اتحادي حماس جي حمايت ۾ اسرائيل تي حملا ڪيا. ايران جو چوڻ آهي ته هڪ اعليٰ سطحي وفد جنازي ۾ شرڪت ڪندو، پر اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته وفد جي اڳواڻي ڪير ڪندو يا ڪهڙا اڳواڻ شرڪت ڪندا. آچر تي حزب الله جي هڪ سينئر شخصيت هاشم صفي الدين جو جنازو پڻ ٿيندو، جنهن کي نصرالله جي جانشين طور چونڊيو ويو هو ۽ هو آڪٽوبر ۾ هڪ اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويو هو. جنازو بيروت جي ڏکڻ مضافات ۾ هڪ اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ ادا ڪيو ويندو، جيڪو حزب الله جو مضبوط گڑھ آهي. ان ۾ حزب الله جي موجوده اڳواڻ، نعيم قاسم جي تقرير شامل هوندي، جنهن کان پوءِ نصرالله جي جنازي لاءِ جلوس ڪڍيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے