welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

قومي اسيمبلي ميمبر مبارڪ زيب وزيراعظم شهباز شريف جو خاص مددگار مقرر

اسلام آباد: (خميس 27 فيبروري 2025ع)اين اي 8 باجوڙ مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي آزاد ميمبر مبارڪ زيب کي وزيراعظم شهباز شريف جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي. مبارڪ زيب کان علاوه وزيراعظم جا ٽي وڌيڪ خاص مددگار مقرر ڪيا ويا آهن. ڪابينا ڊويزن چئني خاص مددگارن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب هارون اختر، حذيفه رحمان، مبارڪ زيب ۽ طلحه برڪي کي وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي. صدر وزيراعظم جي صلاح تي خاص مددگارن جي مقرري جي منظوري ڏني آهي. ياد رهي ته باجوڙ مان قومي اسيمبلي جو ميمبر مبارڪ زيب، مرحوم پي ٽي آءِ ڪارڪن ريحان زيب جو ڀاءُ آهي. گذريل سال فيبروري ۾ ٿيل عام چونڊن دوران قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي باجوڙ 8 مان آزاد اميدوار ريحان زيب کي نامعلوم حملي آورن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ حلقي ۾ چونڊون ملتوي ڪيون ويون هيون. اپريل ۾ ٿيل ضمني چونڊ ۾، آزاد اميدوار مبارڪ زيب سني اتحاد ڪائونسل کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے