welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

صوابي ۾ پيءُ 4 ٻارن کي قتل ڪري پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي

صوابي: (خميس 13 فيبروري 2025ع)خيبرپختونخواهه جي صوابي ضلعي ۾ هڪ پيءُ پنهنجن چئن ٻارن کي قتل ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. افسوسناڪ واقعو صوابي جي علائقي يار حسين ۾ پيش آيو جتي پيءُ 4 ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو. ريسڪيو اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو. ريسڪيو عملدارن موجب، صوابي: پيءُ پنهنجن چئن ٻارن کي چاقو سان قتل ڪيو. ٻارن کي مارڻ کان پوءِ پيءُ خودڪشي ڪئي. فوت ٿيل پيءُ جي سڃاڻپ سيف اسلام جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته ٻارن ۾ ضيا، عبدالرحمان، ثنا ۽ هڪ ٻن سالن جي ڌيءَ شامل آهن. پوليس موجب، واقعو مڙس ۽ زال جي وچ ۾ گهريلو تڪرار سبب پيش آيو، سيف اسلام جي زال ناراض ٿي مڪي هلي وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے