welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وفاقي حڪومت ۾ واڌ، 24 وزيرن قسم کڻي ورتو

اسلام آباد: (خميس 27 فيبروري 2025ع)وفاقي ڪابينه ۾ 24 نوان وزير شامل ٿي ويا، جن ايون صدر ۾ ٿيل تقريب ۾ قسم کڻي ورتو. حلف برداري تقريب ايون صدر ۾ ٿي، جتي صدر آصف علي زرداري نون وزيرن کان حلف ورتو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني پڻ موجود هو. اڄ 13 وفاقي وزيرن ۽ 11 مملڪتي وزيرن قسم کنيو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا ۾ ٽي نوان صلاحڪار به شامل ڪيا ويا آهن. وفاقي وزير طورقسم کڻندڙن ۾ حنيف عباسي، معين وٽو، مصطفيٰ ڪمال، سردار يوسف، اورنگزيب ڪڇي، رانا مبشر، رضا حيات هراج، طارق فضل چوڌري، علي پرويز ملڪ، شزا فاطمه، جنيد انور، خالد مگسي ۽ پير عمران شاهه شامل آهن. ان کانسواءِ طلال چوڌري، بئريسٽر عاقيل ملڪ، ملڪ رشيد، ارمغان سبحاني، کئيل داس ڪوھستاني، عبدالرحمان ڪانجو، بلال اظھر ڪياني، مختار ڀرت، شزرا منصب، عون چوڌري ۽ وجيھه قمر به مملڪتي وزير طور قسم کنيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے