welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪيٿولڪ عيسائين جو مذهبي اڳواڻ پوپ فرانسس ٻٽي نمونيا ۾ مبتلا

ويٽيڪن سٽي: (اربع 19 فيبروري 2025ع)ڪيٿولڪ عيسائين جي مذهبي اڳواڻ پوپ فرانسس جي صحت جي حوالي سان ويٽيڪن چيو آهي ته پوپ فرانسس کي ٻٽي نمونيا جي تشخيص ٿي آهي. ويٽيڪن موجب، پوپ فرانسس هوش ۾ آهي ۽ اڄ صبح جو ناشتو ڪيو آهي. ويٽيڪن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته پوپ تي مختلف رت جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن جي نتيجن ۾ پوپ جي حالت ۾ معمولي بهتري نظر آئي آهي. ٻئي طرف، اٽلي جي وزيراعظم جورجيا ميلوني پڻ اڄ اسپتال ۾ پوپ فرانسس سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اطالوي وزيراعظم چيو ته پوپ فرانسس تمام گهڻو خوش ٿيو آهي. ياد رهي ته 88 سالن جي پوپ فرانسس 14 فيبروري کان ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي جي شڪايت سبب اسپتال ۾ داخل آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے