
غزہ: (خميس 16 جنوري 2025ع)گذريل ڏينهن غزه ۾ جنگ بندي جي اعلان کان پوءِ، اسرائيلي ڪابينا کي اڄ معاهدي جي منظوري ڏيڻي هئي، پر اڃا تائين اسرائيلي ڪابينا جنگ بندي جي معاهدي جي منظوري نه ڏني آهي.
رپورٽ موجب، جنگ بندي جي معاهدي تي بحث لاءِ اڄ ٿيندڙ اسرائيلي ڪابينا جو اجلاس اڃا تائين نه ٿيو آهي، ۽ ان حوالي سان، اسرائيلي وزيراعظم حماس تي آخري وقت تي معاهدي کان پوئتي هٽڻ جو الزام لڳايو آهي.
ان حوالي سان حماس جي هڪ اڳواڻ پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حماس جنگ بندي جي حوالي سان پنهنجي لفظن تي قائم آهي.
ان کان اڳ، جنگ بندي جي اعلان کان پوءِ، اسرائيلي حڪومتي اتحاد ۾ اختلاف سامهون آيا، ۽ نيتن ياهو جي ساڄي ڌر جي اتحادين حڪومت ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني.
غزه جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي جي معاهدي ۾ نيتن ياهو جي حيرت انگيز لچڪ اسرائيل ۾ ساڄي ڌر جي حلقن کي پريشان ڪري ڇڏيو هو.
اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته غزه جنگ بندي جو معاهدو آمريڪي صدر چونڊيل ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر لاءِ سفير اسٽيون وٽڪوف جي نيتن ياهو تي سڌي دٻاءُ کانپوءِ ممڪن ٿيو.
ٻئي طرف، غزه ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي باوجود، اسرائيلي حملا اڃا تائين جاري آهن، ۽ جنگ بندي جي اعلان کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ 70 فلسطيني قتل ڪيا ويا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language