welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اميد آهي ته غزه ۾ تازي جنگ بندي هڪ جامع حل لاءِ رستو هموار ڪندي، منير اڪرم

نيويارڪ: (ڇنڇر 18 جنوري 2025ع)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم پنهنجي تقرير ۾ چيو ته کيس اميد آهي ته غزه ۾ تازي جنگ بندي هڪ جامع حل لاءِ رستو هموار ڪندي، جنهن ۾ هڪ خودمختيار ۽ آزاد فلسطيني رياست جو قيام شامل هوندو. پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فوج جي حرڪت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيلي ڪاررواين کي گڏيل قومن جي چارٽر جي واضح خلاف ورزي قرار ڏنو ۽ چيو ته اسرائيلي ڪارروايون خطي جي استحڪام لاءِ خطرو آهن. هن امن مشن تي حملو ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو، ۽ شام تي اسرائيلي جارحيت ۽ اسرائيلي فوجن جي غير قانوني مداخلت جي پڻ مذمت ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے