welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاس اينجلس ۾ باهه لڳندڙ عمارتن مان خطرناڪ مواد جي خطري سبب ملبو هٽائڻ تي پابندي لڳائي وئي

ڪيليفورينيا: (خميس 16 جنوري 2025ع)آمريڪا جي ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ باهه سبب تباهه ٿيل عمارتن مان ملبو هٽائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب، هي پابندي ان وقت تائين برقرار رهندي جيستائين خطرناڪ مواد جي جاچ کاتي پنهنجي جاچ مڪمل نه ڪري. آفيسرن جو چوڻ آهي ته عمارت جي ملبي، راھ ۽ مٽي ۾ ايسبيسٽس، ڳري ڌاتو ۽ ٻيا خطرناڪ مواد شامل ٿي سگهن ٿا. اختيارين موجب، اهي خطرناڪ اجزا ساهه کڻڻ، چمڙي سان رابطي، يا پيئڻ جي پاڻي ذريعي جسم ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. ملبي جي غلط نيڪال سان خطرناڪ مادا پکڙجڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو جيڪو امدادي ڪارڪنن، رهواسين ۽ ماحول کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. ياد رهي ته لاس اينجلس ۾ 7 جنوري تي لڳل باهه تي اڃا تائين ضابطو نه اچي سگهيو آهي. باهه هاڻي تائين 37,000 ايڪڙن کان وڌيڪ کي متاثر ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ 25 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 100,000 کان وڌيڪ بي گهر ٿي ويا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے