welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪابينا غزه ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

تل ابیب: (جمعو 17 جنوري 2025ع)اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪابينا غزه جنگ بندي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي خبر رساں اداري موجب اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جي آفيس چيو آهي ته سيڪيورٽي ڪابينا حڪومت کي جنگ بندي معاهدي کي قبول ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. خبرن جي ايجنسي موجب، جنگ بندي معاهدي جي حڪومت جي منظوري لاءِ اڄ هڪ مڪمل ڪابينا جو اجلاس طلب ڪيو ويندو. ياد رهي ته اربع ڏينهن قطري وزيراعظم اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ غزه جنگ بندي معاهدي تي صحيحن جو اعلان ڪيو هو، هن چيو ته جنگ بندي جو پهريون مرحلو 19 جنوري کان شروع ٿيندو. جڏهن ته، اسرائيل اڃا تائين جنگ بندي بابت ڪو به سرڪاري بيان نه ڏنو آهي. جنگ بندي جي اعلان کان پوءِ، اسرائيلي حڪومتي اتحاد ۾ اختلاف سامهون آيا، ۽ نيتن ياهو جي ساڄي ڌر جي اتحادين حڪومت ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. غزه جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي جي معاهدي ۾ نيتن ياهو جي حيرت انگيز لچڪ اسرائيل ۾ ساڄي ڌر جي حلقن کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته غزه جنگ بندي جو معاهدو آمريڪي صدر چونڊيل ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر لاءِ سفير اسٽيون وٽڪوف جي نيتن ياهو تي سڌي دٻاءُ کانپوءِ ممڪن ٿيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے