واشنگٽن: (جمعو 17 جنوري 2025ع)آمريڪي صدر جو بائيڊن، هٿياربند فوجن جي الوداعي تقريب کي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، "پنهنجي قسم کي ياد رکو."
جو بائيڊن چيو ته آمريڪا ان خيال تي قائم ٿيو هو ته سڀ ماڻهو برابر آهن.
آمريڪي صدر چيو ته توهان هڪ سيڪڙو آهيو جيڪو نوانوي سيڪڙو آمريڪين جو دفاع ڪري ٿو، تنهن ڪري توهان جي اسان جي دلين ۾ هڪ خاص جاءِ آهي.
ڊفينس سيڪريٽري لائيڊ آسٽن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جو بائيڊن جي اڳواڻي ۾ آمريڪا روس جي خلاف يوڪرين جو دفاع ڪيو، غزه ۾ جنگ بندي قائم ڪئي ۽ آمريڪي يرغمالين کي حماس جي قيد مان آزاد ڪرايو.
لائيڊ آسٽن چيو ته جو بائيڊن جو ڳجهو هٿيار خاتون اول جِل بائيڊن آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language