welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سيڪيورٽي فورسز تيره آپريشن ۾ خوارج عبيدالله سميت 5 خوارج مارجي ويا

راولپنڊي: (جمعو 17 جنوري 2025ع)خيبر پختونخواه جي ضلعي خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي هڪ ڪارروائي ۾ پنج خوارج مارجي ويا. پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، خيبر جي تيره علائقي ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو ۽ سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو. آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن ۾ خوارج عبيدالله عرف تراب سميت 5 خوارج مارجي ويا ۽ هڪ خوارج کي گرفتار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر چيو ته مارجي ويل خوارج جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو آهي ۽ مارجي ويل خوارج سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۽ علائقي ۾ بيگناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے