welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غزه: جنگ بندي جي جشن تي اسرائيلي حملي، مارجي ويلن جو انگ 110 ٿي ويو

غزہ: (جمعو 17 جنوري 2025ع)غزه ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي اعلان جي باوجود، اسرائيلي حملا جاري آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي تائين 110 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب غزه ۾ جنگ بندي جي اعلان کان پوءِ تازن ڏينهن ۾ فلسطيني عوام جشن ملهايو، پر ان دوران به غزه تي اسرائيلي حملا بند نه ٿيا. رپورٽ موجب، جنگ بندي جي اعلان کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ 28 ٻارن سميت 110 فلسطيني مارجي ويا آهن ۽ 246 زخمي ٿيا آهن. ٻئي طرف، جڏهن کان جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو آهي، نيتن ياهو کي اسرائيل ۾ پنهنجن اتحادين ۽ ساڄي ڌر جي قوتن جي سخت دٻاءُ جو سامنا آهي، جنهن جي ڪري اسرائيلي ڪابينا اڃا تائين جنگ بندي جي معاهدي جي باضابطه منظوري نه ڏني آهي. اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن موجب وزيراعظم نيتن ياهو اڄ پنهنجي اتحادين سان ملاقات ڪئي ۽ اڄ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڊيل جي منظوري جو امڪان آهي. ياد رهي ته حماس ۽ اسرائيل ٻه ڏينهن اڳ جنگ بندي جي معاهدي تي متفق ٿيا هئا، جنهن کان پوءِ قطر جي وزيراعظم باضابطه طور تي معاهدي جو اعلان ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے