welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گجرات: 4 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي ۽ قتل جو جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

گجرات: (جمعو 17 جنوري 2025ع)گجرات ۾ 4 سالن جي زهرا جي اغوا، زيادتي ۽ قتل جي الزام ۾ گرفتار ٿيل جوابدار کي هڪ مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو. هن مهيني جي 5 جنوري تي، زهرا نالي هڪ 4 سالن جي ڇوڪري کي ٽيوشن ويندي گهر مان اغوا ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ 6 جنوري تي سندس لاش ٻوري ۾ ويڙهيل مليو. ڪالهه، گجرات پوليس جوابدار جي گرفتاري جو اعلان ڪيو، ۽ ان حوالي سان، ايس پي انويسٽيگيشن چيو هو ته جوابدار زهرا جو پاڙيسري ۽ پري جو مائٽ هو. پوليس جي حراست ۾ شڪي جو پولي گراف ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ ٿيو، جيڪو مثبت آيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدار نديم جٽ کي پڇا ڳاڇا لاءِ وٺي وڃي رهي هئي ته جوابدار هٿڪڙيون لڳائي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس فائرنگ ڪئي ۽ جوابدار مارجي ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے